سائنس جي وڏي ڪاميابي: ناسا چنڊ تي پاڻي جي موجودگي جي تصديق ڪري ڇڏي

آمريڪي خلائي دار  ناسا پهريون ڀيرو تصديق ڪئي آهي ته چنڊ جي سج جي روشني ۾ رهندڙ حصي اندر پاڻي موجود آهي ۽ سرد ۽ سائي وارن علائقن تائين محدود ناهي.

ناسا طرفان جاري بيان موجب اداري جي Stratopheric آبرزرويٽري فار انفراريڊ آسٽرونومي (صوفيه) دريافت ڪيو.

ان آبزرويٽري پاڻي جي ماليڪيولز (ايڇ 2 او) کي زمين ڏانهن مُهڙَ واري پاسي چنڊ جي چهري (ڪلاويوس ڪارٽر) ۾ دريافت ڪيو جيڪو چنڊ جي ڏکڻ قطب ۾ موجود آهي.

ان کان اڳ چنڊ تي هائيڊروجن جي ڪجهه قسمن کي هٿ ڪيو ويو هو پر پاڻي ۽ ان جي ويجهي ساٿين هائيڊرو آڪسل (او ايڇ) ۾ فرق نه پئي چئي سگهجو.

ان مقام جي ڊيٽا مان انڪشاف ٿو ٿئي ته في ملين 100 کان 410 حصن ۾ پاڻي موجود آهي جيڪو سڄي چنڊ جي سطح ۾ ڦهليل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.