”پاڪستان سوڌو سمورا مسلم ملڪ فرانس جو بائيڪاٽ ڪن“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان سميت سمورا مسلم ملڪ فرانس جو بائيڪاٽ ڪن.

ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي سان پارٽي سينيٽر ڪامل علي آغا ۽ وڪيلن جي وفد ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهي چيو ته فرانسيسي صدر جي بيان انتهاپسندن کي مسلمانن جي مذهبي جذبن سان کيڏڻ جو موقعو ڏنو.

هن چيو ته ان معاملي تي ڳالهين بدران اسلامي سهڪار تنظيم جو اجلاس گهرائي عملي قدم کنيا وڃن، مذهبي نفرت پکيڙيندڙ شيطانيت کي هٿي ڏيڻ جا ذميوار آهن، انتهاپسندي عالمي امن کي تباهه ڪري ڇڏيندي.

سندس چوڻ هو ته فرانسيسي صدر مسلمانن جي جذبن سان نه کيڏي، مسلمان ڪڏهن به گستاخ خاڪا برداشت نه ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.