لاهور: ليکڪ سليم خان گمي جي چئن ڪتابن جي رونمائي، راڳ رنگ جي محفل

لاهور ۾ ليکڪ سليم خان گمي جي چئن ڪتابن جي رونمائي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌڙي دا شھباز قلندر جي ڌمال سان حال گونجي پيو

پنجابي ٻولي جي نالي واري قلمڪار سليم خان گمي جي چئن ڪتابن "لاهور دي خشبو، سياچن دي ڇائون،  پنجابي زبان دا ارتقا ۽ سانجھ  جي رونمائي تقريب پنجاب انسٽيٽيوٽ آف آرٽ، لينگوئج ۽ ڪلچر جي آڊيٽوريم  حال لاهور ۾ ٿي

تقريب ۾ سليم خان گمي جي نياڻي شگفته گمي پروگرام ۾ سهڪار ڪرڻ تي افضل ساحر، پيلاڪ جي ڊي جي ميڊم صغرا صدف ۽ پنجابي پرچار جي احمد رضا وٽو جا ٿورا مڃيا ..

 

ان موقعي تي مقررن افضل ساحر، شگفته گمي، احمد رضاوٽو، امجد ڪريم رنڌاوا ۽ ٻين سليم احمد گمي جي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ ڪيل خدمتن جي تعريف ڪئي ..

پروگرام ۾ اڀرندڙ فنڪارن ۽ فنڪارائن موسيقي جو رنگ ڄمايو

ان موقعي تي سعيد ڀٽا کي پنجابي کوج، خالد فرھاد ڌاريوال  کي پنجابي نثر، راجا صادق الله کي پنجابي شاعري، اشرف سھيل کي پنجابي ٻولي جي سيوا جوگمي ايورڊ ڏنو ويو  حفيظ چنا عوامي عواز ٽي وي لاهور

رپورٽ- حفيظ چنا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.