جھڏو: ڳوٺاڻن جو پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

جھڏي ۾ ڳوٺاڻن گھرن تي پوليس چڙهائي ۽ ٻن نوجوانن کي کنڀڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

جھڏي ويجھو ڳوٺ اسماعيل ٽنگڙي جي رهواسين غلام قادر ٽنگڙي، سچل، مسمات امير زادي ۽ ٻين ميڊيا سينٽر جهڏو پهچي پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ٿرپارڪر پوليس مخالفن جي چرچ تي ٽن ضلعن جي پوليس ساڻ ڪري اسن جي گھرن تي ڪاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري رانجهو ٽنگڙي کي کنڀي کڻي وئي آهي ..

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي …

رپورٽ- اسحاق ساگر ڀٽي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.