نوشهروفيروز: صحافين جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نوشهرو فيروز ۾ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جو ماسٽر مائينڊ گرفتار نه ٿيڻ ۽ صحافين کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس نه ٿيڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

قلم ڌڻين نوشهروفيروز پريس ڪلب کان محمد يونس راڄپر، مشتاق حسين مري، ذوالفقار علي خاصخيلي، شاهنوار سومري، منير ميمڻ

۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي قلم ڌڻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي پوليس ظاهر نه ڪري سگھي آهي، هنن چيو ته ڦلجي اسٽيشن جا صحافي رستي ويندي ڦرجي ويا آهن ۽ پوليس انهن جو سامان واپس ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو،

قلم ڌڻين ضلعي انتظاميا کي چتاءَ ڏنو ته 15 ڏينهن اندر شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪري صحافين جون ٿيل چوريون واپس ڪرايون وڃن ٻئي صورت ۾ ڊي آءِ جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ..

رپورٽ-  ايم ظفر تڳر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.