پاڪستان ۾ دهشتگرد واقعن سان ٿيندڙ جاني نقصان جا تفصيل جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت 2015 کان هيل تائين دهشتگرديءَ جي واقعن سان ٿيندڙ جاني نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل دستاويزن موجب 2015 کان سيپٽمبر 2020 تائين دهشتگرديءَ جا 3990 واقعا ٿيا، انهن واقعن ۾ شهيدن جو ڪُل انگ 3 هزار 384 آهي.

دستاويزن موجب دهشتگردي جي انهن واقعن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي 1457 اهلڪارن شهادت ماڻي، جڏهن ته 1927 شهري شهيد ٿيا.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دهشتگرد ڪارروائين ۾ 8 هزار 436 ماڻهو زخمي ٿيا، جن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 2 هزار 569 اهلڪار ۽ 5 هزار 867 عام شهري شامل آهن.

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جا سڀ کان وڌيڪ واقعا بلوچستان ۾ پيش آيا، جتي دهشتگرد ڪارروائين جو ڪُل انگ 1435 آهي.

ان فهرست ۾ خيبر پختونخواهه ٻئي نمبر تي آهي، جتي دهشتگردي جا هڪ هزار 48 واقعا پيش آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ دهشتگردي جا 371، پنجاب ۾ 180 واقعا رپورٽ ٿيا.

انگن اکرن موجب فاٽا ۾ 892، اسلام آباد ۾ 16، آزاد ڪشمير ۾ 23 ۽ گلگت بلتستان ۾ دهشتگردي جا 25 واقعا پيش آيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.