ڪيترين ئي اداڪارائن شهرت لاءِ فحاشي جو سهارو ورتو: ميرا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) فلم اسٽار ميرا چيو آهي ته ڪيترين ئي اداڪارائن انڊسٽريءَ ۾ شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ فحاشي جو سهارو ورتو پر پوءِ به ناڪام رهيون.

هڪ اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا ميرا چيو ته مان شوبز ۾ شارٽ ڪٽ نه پر محنت سان نالو ڪمايو، جڏهن ته ڪيتريون ئي اداڪارائون اهڙيون به آهن، جن شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ فحاشي جو سهارو ورتو پر ان باوجود ناڪام رهيون.

سندس چوڻ هو ته منهنجي عمر جون اداڪارائون تڪڙي گهر ويهي ويون پر منهنجي فن کي سدائين پسند ڪيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو مون کي هاڻ به سڄي ملڪ مان لائيو شوز جون آڇون ملنديون آهن ۽ مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي.

هن چيو ته مان اڄڪلهه اداڪاري ۾ منفرد پرفارمنس ڏئي چاهيندڙن جي دلين تي راڄ ڪري رهي آهيان پر نمبر ون اداڪارا ڪير آهي؟ ان جو فيصلو مون کي يا ڪنهن اداڪارا کي نه پر چاهيندڙن کي ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.