آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪري صوبي جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو: خواجا آصف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته سي پيڪ منصوبي جي قانون سازي تي حڪومت جي ماڻهن اسان سان رابطو ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته اسان پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو پر ڪو فائدو نه ٿيو، آئين ڪمزور ٿيندو ته وفاق ڪمزور ۽ پامال ٿيندو، ان ۾ ڏار پوندا.

هن چيو ته ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جو ڪمرو ٽوڙي چادر ۽ چارديواري کي پامال ڪيو ويو، فيڊريشن آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪري صوبي جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، بلوچستان جي 70 کان 80 سيڪڙو علائقي ۾ حڪومت جي رٽ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.