بلوچستان جي وڏي وزير جي ڪورونا ٽيسٽ ٻيهر مثبت اچي وئي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ ٻيهر مثبت اچي وئي.

بلوچستان جي وڏي وزير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته 14 ڏينهن کان پوءِ منهنجي ڪورونا وائرس وري ٽيسٽ مثبت آئي، منهنجي توهان کان گذارش آهي ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪيو، ماسڪ استعمال ڪيو، جيڪڏهن علامتون آهن ته اڪيلائي اختيار ڪيو، ڪوشش ڪيو ته ان مرض جي پکڙجڻ جو سبب نه بڻجو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.