ڪوٽڙي: شورا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 15 ڄڻا زخمي

ڪوٽڙي ويجھو شورا برادري جي ٻين ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گوليون ۽ لٺيون لڳڻ ڪري 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا

لوڻي ڪوٽ ويجھو ڳوٺ بادل شوري ۾ گھٽي جي معالمي تان شور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گوليون، ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ ڪري قاسم شورو، پنهل شورو، ربنواز شورو، منظور شورو سميت 15 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارث چنچي رڪشائن ۾ ڪوٽڙي اسپتال کڻائي آيا، زخمين مان گوليون لڳل ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو …

رپورٽ- نويد راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.