بدين ۾ ضلعي انتظاميه پاران سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا

بدين ۾ سنڌ حڪومت جي حڪم تي سستي اٽي جو اسٽال قائم ڪيو ويو آهي

سنڌ حڪومت پاران عوام کي سستو اٽو وڪرو ڪرڻ واري ليٽرکان پوءِ ڊي سي بدين ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال جي حڪم تي مختيار ڪار محمد اڪرم ڪنڀار بدين شھر ۾ اٽو سستو فروخت ڪرڻ جا اسٽال لڳرائي ڇڏيا آهن جتي اٽي جو  10 ڪلو وارو ٿيلهو 418 روپين ۾ ڏنو پيو وڃي، مختيارڪار محمد اڪرم ڪنڀار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار پاران اٽو گهٽ اگھه تي وڪرو ڪرڻ جا حڪم مليا آهن جن تي عمل ڪندي شهر ۾ سستو اٽو وڪرو ڪرڻ جا اسٽال لڳريا آهن جتان ماڻهو پنهنجي گهرج مطابق اٽو خريد ڪري سگهن ٿا …

رپورٽ- رازقڏنو کوسو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.