مورو: آبپاشي ملازمن جو انجنيئر جي زيادتين خلاف احتجاج

موري ۾ ايريگيشن ورڪرز يونين سي بي اي پاران روهڙي ڊويزن مورو جي انجنيئر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

احتجاج جي اڳواڻي مرڪزي صدر محمد عيسيٰ سنگراسي، جنرل سيڪريٽري محمد بخش ڪورائي، محمد حسن زرداري، عزيز  سنگراسي ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته انجنيئر معزور ۽ ٻين ملازمن  سان بنا جواز زيادتيون ڪري رھيو آھي هنن چيو ته ٽن مھينن کان معزور ملازمن جون پگھارون بند ڪري سسپينڊ ڪري جائز پروموشن ختم ڪري ڇڏيا آھن جيڪي پابندي سان ڊيوٽيون پڻ ڪري رهيا آهن.هنن چيو ته ڊويزن ۾ غير قانوني 65 ماڻھن جا پروموشن ڪيا ويا آهن جن ۾ آبدار، داروغا، ڪلارڪ، فون آپريٽر، اليڪٽريشن شامل آھن، هنن وڌيڪ چيو ته جعلي پروموشن ۽ جعلي آرڊر ختم ڪري انهن جاين تي فوتي ۽ رٽائر ملازمن جي اولاد کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته انجنيئر کي ھٽائي فرض شناس آفيسر مقرر ڪري ملازمن جون پگهارون بحال ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسو جاري رهندو  …..

رپورٽ- شاهنواز ڀٽي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.