سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ به گستاخ خاڪن خلاف ٺهراءُ منظور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ به گڏيل طور فرانس ۾ ٺاهيل گستاخ خاڪن خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي گڏيل مذمتي ٺهراءُ پڙهيو، جنهن کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي ۾ گستاخ خاڪن خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڇڪتاڻ نظر آئي.

اپوزيشن طرفان ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف ٺهراءُ پيش ڪرڻ چاهيو ته حڪومتي ميمبر گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٺهراءُ پڙهيو ته ن ليگ جي احسن اقبال ان کي انگريزي جي ٿيسس قرار ڏنو.

ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر طرفان تجويز پيش ڪئي وئي ته گڏيل ٺهراءَ لاءِ مشاورت گهربل آهي، جنهن لاءِ 10 منٽن تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي.

ن ليگ جي خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته سي پيڪ منصوبي جي قانون سازي تي حڪومت جي ماڻهن اسان سان رابطو ڪيو آهي، اسان پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو پر ڪو فائدو نه ٿيو، آئين ڪمزور ٿيندو ته وفاق ڪمزور ۽ پامال ٿيندو، ان ۾ ڏار پوندا.

هن چيو ته ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جو ڪمرو ٽوڙي چادر ۽ چارديواري کي پامال ڪيو ويو، فيڊريشن آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪري صوبي جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، بلوچستان جي 70 کان 80 سيڪڙو علائقي ۾ حڪومت جي رٽ ناهي.

اجلاس ۾ جڏهن اپوزيشن گستاخ خاڪن جو مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ چاهيو ته حڪومتي سيٽن تان گوڙ شروع ٿي ويو، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر خواجا آصف ۽ شاهه محمود قريشي کي چيو ته هڪٻئي سان رابطو ڪري وٺو، هي حساس معاملو آهي پر خواجا آصف انڪار ڪري ڇڏيو.

ان دوران شاهه محمود قريشي تقرير لاءِ بيٺو ته اپوزيشن ووٽنگ ووٽنگ جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.

شاهه محمود قريشي چيو ته خواجا آصف توهان کي ڳالهائڻ لاءِ فلور ڏنوسين، هاڻ اسان کي ڳالهائڻ ڏيو ۽ سندس تقرير دوران اپوزيشن گوڙ جاري رکيو پر پرڏيهي وزير پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته گستاخ خاڪن جي معاملي تي سڄي قوم متفق آهي، فرانس ۾ گستاخي جي ڪوشش ڪئي وئي، ان تي سڄي دنيا ۾ مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن.

هن چيو ته اڄ اپوزيشن جي رويي تي انتهائي افسوس ٿيو ۽ اسلامو فوبيا جو رجحان وڌندو پيو وڃي، جنهن تي اسان کي ڳڻتي آهي، ان تي هڪ ٺهراءُ کڻي آيس.

پوءِ شاهه محمود قريشي انگريزي ۾ ٺهراءُ پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ فرانس، ناروي ۽ سوئيڊن ۾ گستاخ خاڪن جي مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه يورپي سياسي اڳواڻن جي شرپسند تقريرن کي نه قبولڻ جوڳو قرار ڏنو ويو.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي اهڙن واقعن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

ن ليگ جي احسن اقبال ٺهراءَ کي انگريزي جو مقابلو قرار ڏيندي چيو ته پرڏيهي وزير ٿيسس پڙهي ۽ ٺهراءَ ۾ ڪا عمل جوڳي ڳالهه ناهي.

پوءِ اسد عمر چيو ته ان معاملي تي اسان کي هڪ زبان ٿيڻ جي ضرورت آهي، تنهن ڪري وقفو ڪري اختلافن کي ختم ڪيو وڃي ۽ هڪ ئي ٺهراءُ پيش ڪيو وڃي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

پوءِ ٻيهر شروع ٿيندڙ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير گستاخ خاڪن خلاف ٺهراءُ پڙهيو، جنهن کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.