نوجوان دوستي کان انڪار تي تيزاب هاري ٻن ڀيڻن کي زخمي ڪري وڌو

 

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ نوجوان دوستي کان انڪار تي ڇوڪريءَ تي تيزاب هاري ڇڏيو.

پوليس موجب ٻه ڀينرون ميلاد جي محفل ۾ شرڪت لاءِ ڀاڙيسرين جي گهر ويون، جتي نوجوان هڪ ڇوڪريءَ تي تيزاب اڇلايو ۽ فرار ٿي ويو.

جوابدار جي حملي ۾ ڇوڪريءَ جو چهرو ۽ جسم سخت متاثر ٿيو، جڏهن ته ان جي ڀيڻ جو جسم پڻ تيزاب سان متاثر ٿيو آهي.

ٻنهي ڀيڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال نيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.