مطيع الله اغوا ڪيس: اغوا ڪندڙن جي سڃاڻپ ممڪن ناهي: جاچ رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي مطيع الله جان جي اغوا بابت ڪيس ۾ آءِ جي اسلام آباد جي آءِ ٽي جي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

آءِ جي اسلام آباد محمد عامر ذوالفقار خان طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جي آءِ ٽي جي جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ويڊيو ۾ نظر ايندڙ اغوا ڪندڙن جي سڃاڻپ ممڪن ناهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اغوا جي واقعي جي ويڊيو فوٽيج غير معياري ڪيمرا سان ٺهيل آهي ۽ نادرا به ويڊيو ۾ نظر ايندڙن جي سڃاڻپ کان معذوري ظاهر ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ به اِهو چيو ويو آهي ته اغوا ڪندڙن جي گاڏين جي نمبر پليٽن جي به خبر ناهي پئجي سگهي، پر گاڏين جي نشاندهي جي ڪوشش جاري آهي.

آءِ جي اسلام آباد طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعي جي جاءِ تي سيف سٽي جي ڪا به ڪيمرا لڳل نه هئي، نه واقعي جو ڪو اکين ڏٺو شاهد موجود آهي ۽ نه ئي ڪنهن رهواسي بيان ريڪارڊ ڪرايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.