منگلا ڊيم پنجاب کي ٻوڏ کان بچايو: واپڊا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال معمول کان وڌيڪ مينهن جي ڪري پنجاب جي درياهن ۾ پاڻي جي وڌندڙ سطح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ منگلا ڊيم جو ڪردار اهم آهي.

واپڊا طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ پنجاب کي ٻوڏ جي تباهين کان بچائڻ ۾ منگلا ڊيم جي ڪردار کي نهايت اهم قرار ڏنو ويو آهي.

واپڊا جو چوڻ آهي ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ وسيل طوفاني مينهن سبب جهلم درياهه ۽ چناب ۾ ٻوڏ واري ڪيفيت پيدا ٿي جنهن کان پوءِ منگلا ڊيم جهلم درياهه ۾ اوچتو آيل ٻوڏ جي وڏن وهڪرن کي ذخيرو ڪيو.

واپڊا موجب 28 آگسٽ تي جهلم درياهه ۾ منگلا جي مقام تي 4 لک 15 هزار  ڪيوسڪ جو ٻوڏ جو وهڪرو داخل ٿيو جڏهن ته انهيءَ ڏينهن چناب درياهه ۾ مرالا جي مقام تان 3 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو گذري رهيو هو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته منگلا ڊيم جهلم درياهه ۾ 4 لک 15 هزار ڪيوسڪ جي وهڪري کي روڪيندي جهلم درياهه جي هيٺين پاسي ڏانهن رڳو 1 لک ڪيوسڪ پاڻي خارج ڪيو جنهن جي ڪري منگلا جي مقام تي ٻوڏ جي شدت ۾ واضه گهٽتائي نظر آئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.