گستاخ خاڪن ۽ ميڪرون جي بيان خلاف فرانسيسي شين جو بائيڪاٽ شروع

 

رياض (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر جي اسلام مخالف بيان ۽ گستاخ خاڪن جي دفاع کانپوءِ ڪيترن ئي عرب ملڪن فرنچ شين جي بائيڪاٽ جي مهم شروع ڪري ڇڏي.

عرب ميڊيا موجب ڪيترن ئي عرب ملڪن جي ٽريڊ ايسوسيئيشنز ميڪرون جي اسلام مخالف بيان کانپوءِ احتجاجن طور فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي هلندڙ ان مهم ۾ عرب ملڪن ۽ ترڪي ۾ سپر مارڪيٽن کان فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ #BoycottFrenchProducts سان انگريزي ۾ مهم هلائي پئي وڃي.

ڪويت، قطر، فلسطين، مصر، الجيريا، اردن، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ عرب جي هيش ٽيگ سان به مهم هلائي پئي وڃي.

ڪويت جي النعيم ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين موجب فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪندي سڀني سپر مارڪيٽن مان فرانس جي شين کي هٽايو ويو آهي.

قطر جي هڪ وڏي ڪمپني به فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي انهن جي جاءِ تي متبادل شيون رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته قطر جي اسٽاڪ ڪمپني الميرا به بنا دير فرانسيسي شين جو بائيڪاٽ ڪيو.

قطر يونيورسٽي پڻ ان مهم ۾ شرڪت جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي جي انتظاميا فرنچ ڪلچرل ويڪ کي به فوري طور رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته يونيورسٽي ميڪرون جي ان عمل کي ”ڄاڻي واڻي“ قرار ڏنو آهي.

نار رياستن جي تنظيم گلف ڪوآپريشن ڪائونسل به فرانسيسي صدر جي بيان کي غير ذميواراڻو قرار ڏيندي چيو آهي ته ميڪرون جو مقصد ماڻهن ۾ نفرت پکيڙڻ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.