ڀرياسٽي: پيرا ميڊيڪل عملي جو پوليس خلاف احتجاج

ڀرياسٽي ۾ پيرا ميڊيڪل عملي پاران دوڙ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڀرياسٽي رورل ھيلٿ سينٽر جي پيراميڊيڪل عملي پاران سلطان احمد جوڻيجو، رسول بخش ميمڻ، محمد اشرف آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دوڙ پوليس خلاف اسپتال جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

ان موقي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دوڙ پوليس پنج ڏينهن اڳ سونھري فارم رورل ھيلٿ سينٽر جي وارڊ سرونٽ غلام علي ڏاھري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي … ايس او ٽي

اڳواڻن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن کان مطالبو ڪيو ته کنڀيل غلام علي ڏاهري کي آزاد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي …

رپورٽ- مجيد ڪيريو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.