عمران خان ۽ سليڪٽڊ ٽولو گهر وڃڻ جي تياري ڪري: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان صاحب ۽ سليڪٽڊ ٽولو گهر وڃڻ جي تياري ڪري.

پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته وزير اعظم جو پلان 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن جي خاتمي جو هو پر هنن جو رڳو اٽي ۽ کنڊ چوري جو پلان مڪمل ٿيو.

مريم اورنگزيب جو وزير اعظم کي مخاطب ڪندي چوڻ هو ته عمران صاحب پلان ته توهان جو هو ته ڪنهن کان خيرات نه گهرنداسين پر سڄي ملڪ کي پينو ٺاهي ڇڏيو.

سندس اِهو به چوڻ هو ته توهان جو پلان ته بيضن، پاڏن، ٻڪرين، ڪڪڙين ۽ مينهن سان پاڪستان کي دنيا جي بهتري معيشت بڻائڻ جو به هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.