پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ عمران خان جي بريت جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزير اعظم عمران خان جي بريت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت وار عدالت ۾ وزير اعظم عمران خان جي وڪيل عبدالله بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ بريت جي درخواست سان گڏ لکت ۾ دليل عدالت ۾ پيش ڪيا.

لکت وارن دليلن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي خلاف پي ٽي وي، پارليامينٽ حملي ڪيس جو ڪو به ثبوت ناهي، ڪنهن شاهد عمران خان جي ڪيس ۾ ملوث هئڻ جو بيان ناهي ڏنو، فريادي به عمران خان جي خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪيس کي نظر ۾ رکندي عمران خان کي سزا ڏيڻ جي ڪي به امڪان ناهن، ان ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي جي ضرورت ناهي عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي. دهشتگردي جي عدالت عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 29 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.