ڪراچي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورنگي ۾ ٻارن جي ويڙهه وڏن تائين پهچي وئي ۽ جهڙي دوران ڇُرين جي وارن سان هڪ شخص قتل جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر 1 سيڪٽر 32 سي ۾ جهيڙي دوران ڇُري جي وارن سان هڪ شخص فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي مقتول جي سڃاڻپ 33 سالن جي محمد خان ولد عبدالصمد جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ دولت خان ولد عبدالصمد ۽ ڌارو خان ولد محمد دين ۽ ڀائي خان ولد محمد دين جي نالن سان ڪئي وئي.

ايس ايڇ او ڪورنگي شهزاده سليم ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعي ۾ مارجي ويل هڪ ئي پاڙي جا رهواسي آهن، صبح ٻارن جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿيو هو ۽ جهيڙو وڌندي وڌندي وڏن تائين پهچي ويو جهڙي ۾ ڇُرين جا وار ڪرڻ سبب هڪ شخص ڄڻو مارجي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا، پولس زخمين جا بيان قدلمبند ڪري واقعي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.