نيب 22 ڪروڙ رپيا سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيا

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل جي جوابدارن کان وصول ڪيل 22 ڪروڙ 40 لک رپيا سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيا.

نيب سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل جي جوابدارن سان پلي بارگين جي تحت صول ڪيل 22 ڪروڙ 40 لک رپيا سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال رقم جو چيڪ چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه جي حوالي ڪيو.

ان موقعي تي نيب چيئرمين چيو ته نيب 50 ڪروڙ جي ماليت جا ٻه پلاٽ به سنڌ حڪومت کي واپس ڪرائي ڏنا آهن، نيب ڪوڙي اڪائونٽس ۾ بلا واسطه ۽ باالواسطه 23 ارب رپيا وصول ڪيا آهن، شگر اسڪينڊل ۾ 10 رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا آهن. پاڪستان اسٽيل ملز جي هڪ ارب ماليت جي 300 ايڪڙ زمين به واپس ڪرائي، ان کان سواءِ ڪراچي جي احتساب عدالت پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪيس ۾ جوابدار جي 1 ارب 27 ڪروڙ رپين جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته نيب سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪتي جي چَڪڻ واري ويڪسينز جي کوٽ جي به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.