ايڪسائز کاتي پنجاب جي تاريخ ۾ سڀ کان مهانگي گاڏي رجسٽرڊ

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پنجاب جي موٽر رجسٽريشن اٿارٽي صوبي جي هن وقت تائين سڀ کان مهانگي گاڏي کي رجسٽرڊ ڪري ورتو آهي.

ليمبورگني اسپورٽس ڪار جي جي قيمت ساڍا 11 ڪروڙ رپيا آهي، هن مهانگي ترين گاڏي جي مالڪ گاڏي جي رجسٽريشن 45 لک 32 هزار رپيا آهي ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي موٽر رجسٽريشن اٿارٽي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ايڪسائز ڊيپارٽمنٽ ايتري مهانگي گاڏي جي رجسٽريشن کان معذرت ڪئي هئي ڇو ته ايڪسائز کاتي جي موٽر سسٽم ۾ 10 ڪروڙ رپين جي ماليت تائين جي ئي گاڏي رجسٽرڊ ٿي سگهي ٿي. پوءِ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي مهانگي اسپورٽس گاڏي کي رجسٽريشن جي لاءِ پنهنجي سسٽم کي اپ گريڊ ڪيو ۽ پوءِ اِها گاڏي ارجمند نالي شخص جي نالي تي رجسٽرڊ ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.