گستاخ خاڪن جي اشاعت تي پاڪستان جو سخت احتجاج، فرانسيسي سفير پرڏيهي کاتي طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان گستاخ خاڪن جي اشاعت ۽ فرانس جي صدر صدر جي بيان تي فرانسيسي سفير کي پريهي کاتي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي.

گستاخ خاڪن جي اشاعت تي فرانسيسي سفير کي پرڏيهي کاتي طلب ڪيو ويو ۽ خاڪن جي اشاعت ۽ فرانس جي صدر جي گستاخاڻي بيان تي سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو. فرانسيسي سفير کي اسپيشل سيڪريٽري يورپ احتجاجي خط حوالي ڪيو.

معاملي جو پس منظر:

هلندڙ مهيني فرانس ۾ سيموئل پيٽي نالي هڪ اسڪول ٽيچر ”آزادي جي اظهار“ جي نالي مذهبي نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هن پنهنجي شاگردن کي توهين جوڳا خاڪا ڏيکاريا هئا. جنهن تي 18 سالن جي نوجوان کيس قتل ڪري ڇڏيو هو. بعد ۾ پوليس حملي آور کي گولي هنئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.