گهوٽڪي ۾ شراب جو وڪرو، نوجوان نسل تباهه

گهوٽڪي( ڊ ر  )گهوٽڪي شهر جي گتن تي نقلي شراب جو وڪرو جاري ڪيترائي ماڻهون بيماري ۾ مبتلا حڪومت نوٽيس نه ورتو.خبرموجب گهوٽڪي جي نوجوان نسل تباهي جي ڪناري پهتل شراب جي گتن تي نوجوانن جي رش نقلي ۽ ٻه نمبر شراب جو وڪرو سري عام جاري آهي جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهون بيماري جي بستري تي پيل آهن.ان حوالي سان سڃاڻ ڌرين جي ڳواڻن جو چوڻ هو ته گتن تي نقلي شراب جو وڪرو عروج تي پهتل آهي. .جڏهن ته ايڪسائيز پوليس جا عملدار به منٿليون وٺي خاموش بڻيل آهن.هنن حڪومت کان نوٽيس وٺي نقلي شراب جي وڪري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.