ڀرياسٽي لڳ قبول شاهه جي عرس جون تقريبون

نوشھروفيروز(ڊ ر) ڀريا سٽي جي ڳوٺ ڪوٽ بھادر ڀرسان درگاهه سيد قبول شاھ جي عرس جون تقريبون جاري آھن درگاھ جي گادي نشين پير امجد صديقي، علي اصغر شاھ، پير ماجد صديقي سميت عقيدتمندن پاران درگاھ تي چادر چاڙھي گلن جي  ورکا ڪري ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ دعا ڪئي وئي جنھن بعد محفل ميلاد تقريب منقد ڪئي وئي ميلاد جي محفل ۾ سنڌ جي نامياري نعت خوانن حضور جي شان ۾ نعت شريف جو نظرانو پيش ڪيو جڏھن ته مشھور عالمن  حضور ڪريمن جي شان کي بيان ڪندي چيو ته حضور جي ڪري ھن سڄي ڪائنات کي خلق ڪيو ويو آھي حضور اسان کي زندگي جا طور طريقا سيکاريا حضور نه اچي ھا ته الله  پاڪ پنهنجو الله ھجڻ ظاھر نه  ڪري ھا اسان سڀني کي گھرجي ته اسان نبي اڪرم حضرت محمد جي رستي تي ھلي ڪاميابي ماڻيون. جڏھن ته  درگاھ جي گادي نشين پير امجد صديقي ۽ ايڊووڪيٽ پير ماجد صديقي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ درگاھن تان امن جو پيغام ملي ٿو ھتي بنا ڪنھن رنگ نسل جي انسانيت جي خدمت ڪئي ويندي آھي اسان حضور ڪريمن جا پيروڪار آھيون اسان جو پيغام بـ اھو آھي ته جيترو ٿي سگھي غريب ۽ مسڪينن جي مدد ڪري پنھنجي رب کي راضي ڪجي جڏھن تـ عرس تقريب ۾ درگاھ جي مريدن ۽ عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.