سکر ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج

سکر(رپورٽر) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس  ڪندڙ استاد اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ڏيڻ واري عمل خلاف سراپا احتجاج۔سوين اميدوارن سکر پريس ڪلب روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي نعري بازي ڪئي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي مطالبن جي حق ۾ نعرا هنيا ان موقعي استاد اميدوارن مختيار رند۔عبد الصمد جوڻيجو۔صدام لاشاري۔صادق مهر۔عبدارشيد جتوئي۔جواد حيسن۔عائشه نورين۔شاهده ڏهر۔ثريا ناز ۽ ٻين چيو ته 2018 ع ۾ آء بي اي طرفان جي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي استادن لاء ٽيسٽ ورتي وئي هئي جنهنجو پاسنگ ريشو پنجاه سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي ڀرتي ڪرڻ جو ان وقت جي تعليم واري وزير سيد سردارعلي شاه واعدو ڪيو هو جڏهن ته سنڌ هائي ڪورٽ به سنڌ ۾ استاد ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي پر ان باوجود آفر آرڊر ناهن مليا جيڪا آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استاد اميدوارن سان وڏي نا انصافي آھي.  اميدوارن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ 37000 استادن جون جايون خالي هئڻ باوجود استادن  کي ڀرتي نه ڪرڻ سبب سنڌ  جي تعليم تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آھن ۔ استاد اميدوارن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته 2018 ۾  آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ محنتي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن  ۽ ٻين ڀرتين لاء نئون اشتهار ڏئي عدالت جي حڪم کي مان ڏيندي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.