موري ۾ ترقي نه ٿي، شهرين جون دانهون

مورو (ن ع آ) موري شھر جي وڏي يو سي درس جا آيل ترقياتي ڪمن ،روڊن،رستن،ڊرينج لائي آيل ڪروڙين رپيا پبلڪ ھيلٿ ۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت سان ھڙپ ڪري ويا،درس شھر کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳو،درس شھر جا رھواسي عذاب ۾ گذارڻ لڳا،ان سلسلي ۾ ميڊيا سان درس شھر جي شھري غلام مصطفا چنا ۽ ٻين دانھيندي چيو ت يو سي درس مورو شھر جي وڏي يوسي آھي ۽ ڳتيل آبادي رھائشي پذير آھن،يوسي ۾آيل ترقياتي ڪمن لائي آيل نالين روڊن رستن ۽ ڊرينج لائي حڪومت طرفان موڪليل پيسا پبلڪ ھيلٿ انتظاميا ڪرپشن جي ور چڙھي ويا آھن درس شھر ۾ ڪٿي ب ڪو ترقياتي ڪم ناھي ٿيو ن ئي يوسي جي ترقي سونھن ۽ ڀلائي لائي ڪوب ڪم ناھي ٿيو،شھري تڪليفن ۽ عذاب ۾ گذارين پيا، يوسي درس ۾ بي ڌياني سبب  شھر مان ڌوڙ اڏامي ٿي شھري برساتن ۾ گھران مان نٿا نڪري سگھن اسان پبلڪ ھيلٿ ۽ بااثر ٺيڪيدار کي بار بار شڪايت ڪرڻ بعد ب ازالو نٿو ڪيو وڃي ،اسان نيب، ايف آئي اي،۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ۽ فورن گھر ڪيو ٿا ت ميگا ڪرپشن ڪندڙ پبلڪ ھيلٿ مورو ۽ ٺيڪيدارخلاف فورن نوٽيس وٺي قانوني ڪاروائي ڪري يوسي درس کي بنيادي سھولتون ڏنيون ن ت ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دڳ اختيار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.