شاعري ۾ ظلم خلاف مزاحمت واضع هئڻ گهرجي: راشد لکمير

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سڪرنڊ  ۾ ادبي رهاڻ ۽ مشاعرو انڊس پبلڪ سوشل فورم جي اڳواڻ نثار احمد ڪيريو جي ميزباني هيٺ ٿي گذريو، شاعرن پاران شاعري وسيلي سنڌ ڌرتي کي ڀيٽائون پيش. مشاعري جي شروعات ملنگ ملاح پاران شاهه عبدالطيف جي وائي سان ڪئي وئي، صدارتي خطاب ڪندي مزاحمتي شاعر سائين عبد الحڪيم ارشد جي فرزند راشد لکمير چيو ته ادب يا شاعريءَ ۾ انقلاب جي لاءِ آمادگي ۽ ظلم خلاف مزاحمت جو عنصر واضح طور نمايان هئڻ گهرجي،  اسان جي رسول ڪريم ﷺ جي ڪپڙن کي چتيون لڳل هونديون هيون جيڪو ان وقت حڪمران هيو اڄ دنيا جي حڪمران جا ڪتا ست طعام کائي رهيا آھن ۽ غريب مسڪين بک تي سمهن ٿا، اديب محمد صديق منگيو چيو ته نوجوان شاعرن ۽ اديبن کي روايتي ۽ رومانوي لکڻين کان اڳتي وڌي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي محبت ۽ ان تي ٿيندڙ انياءَ تي لکڻ گهرجي . شاعر ماڻڪ ملاح چيو ته شاعر ڌرتي سان محبت ڪري ٿو. . اديب شاعر سائل پيرزادي چيو ته هو ڇا نهاري ڇولين ۾ جيئن ٻاٽ ويڙهي پئي سنڌ ۾.شاعر معشوق ڌاريجو چيو ته سنڌ جي وارثن کي هاڻ چپ جو روضو ٽوڙڻ گهرجي. اديب علي نواز ڏاهري چيو ته هن وقت پنهنجي ديس جي واڪ لڳي پئي آهي جيڪڏهن ڪو آواز اٿاري ٿو ته ان کي کنڀيو وڃي ٿو،صدر قربان عمراڻي ،شتاب زرداري ، اسد ڪيريو ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.