نئين ڳوٺ ويجهو درگاهه صدرالدين لڳ جشن عيدميلادالنبي جي محفل

نئون ڳوٺ (ن ع آ) نئون ڳوٺ درگاھ صدرالدين وٽ جماعت اھلسنت فقير غلام قادر لاکير ڪرمي  حافظ پرويز احمد چنا منور علي ملاح طرفان جشن ميلاد مصطفيٰ جي محفل سجائي وئي، جنھن ۾ ناظران قران پاڪ مڪمل ڪندڙن  رحمان علي پٽ عبدالستار لاکير ڪائنات بنت منير لاکير الماس بنت منير لاکير  جي تاج پوشي ڪئي وئي جنھن بعد سنڌ جي مشھور نعت خوان وڪيل احمد پنھور ميلاد مصطفئ جي شان ۾ نعتن جا نظرانا پيش ڪيا ۽ شان بيان ڪيو. محفل ۾ ويٺل  ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو جتي درگاھ سعيدي موساڻي جامع مسجد جو خطيب حافظ بدرالدين آڳرو مولوي محمد اسمائيل لاکير اعجاز علي لاکير جاويد احمد چنا، حافظ طارق ساھڙ، سائين اقبال احمد لاکير، محمد حسين قريشي، قربان علي سامٽيو، علي حسن قريشي، ساجد علي لاکير، محمد علي قريشي، ميلاد ڪاميٽي نئون ڳوٺ جي ٽيم ۽ ٻين ڳوٺاڻن آقا دو جھان جو شان ٻڌي نعت خوان کي خوب داد ڏنو، آخر ۾ سلام ياالنبي پڙھي دعا خير گھري پروگرام جي پڄاڻي ڪئي وئي.

منهڙو پريس ڪلب ۾پ پ اڳواڻن کي  آجياڻو، اجرڪ اوڍايا ويا

منھڙو ( ن ع آ )پ پ جي اڳواڻن ۽ لنجار ھائوس مورو جي ڪو آڊينيٽر محترم محمد نواز ڊومڪي پيپلز پارٽي تعلقي مورو جي صدر دوست علي سولنگي خان ڏاهري،  محمد ياسين ٻگھيو علي لنجار  نور سولنگي وڏيرو اقبال پلھه  شرجيل ميمڻن الله بخش ڪلھوڙو  صحافي ظفرالحق پنھور منظور چنڊ وڏيرو سياڻو خان ڏاھري ،محمد رحيم ڏاھري ،فراز ڏھراج ۽ ٻين کي منھڙو پريس ڪلب جي صدر نوجوان سينيئر صحافي پپو ڏاھري پاران کين آجياڻو اڳواڻن جي منهڙو پريس ڪلب آمد  پريس ڪلب منھڙو پھچڻ تي منهڙو پريس ڪلب جي صحافين پاران سندن ڀرپور آجيان ڪئي

سلطان ڪوٽ ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي  حوالي سان پروگرام

سلطان ڪوٽ( ن ع آ ) عيد ميلاد النبي ﷺ جي مناسبت سان پروگرام منعقد، عاشقان رسول ﷺ جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڳوٺ محب علي جتوئي ۾ حافظ ذوالفقار علي جتوئي حسيني جي اڳواڻي ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جو پروگرام منعقد، عاشقان رسول ﷺ جي وڏي انگ ۾ پروگرام ۾ شرڪت سلطان ڪوٽ: پروگرام ۾ خطيب حضرت علامه مولانا سيد آصف علي شاهه جيلاني پير آف راڻي پور ۽ حضرت علامه مولانا محمد طاهر حسيني جوڻيجو شرڪت ڪئي ۽ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي ﷺ جي زندگي تي روشني وڌي ۽ محبوب ڪريم مصطفي ﷺ جو شان بيان ڪيو.

دڙو ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي خوشي ۾ ريلي

دڙو( ن ع آ ) دڙي ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي آمد جي خوشي ۾ ريلي تفصيل موجب :دڙي ۾ جماعت بزم خليلي پاران جشن عيد ميلاد النبي جي آمد جي خوشي ۾ مولوي محمد حنيف عباسي، مولوي سليمان منڌرو ،مولوي سخي ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدرسہ مجديديہ رحمانيہ کان سزوڪي اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي مرحبا يا مصطفي، مدني جي آمد مرحبا جا نعرا هنيا ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي مقررن چيو تہ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي سيرت تي عمل ڪري اسان دنيا توڙي آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا

نصيرآباد ۾ ڪاٺيا بازار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چونڊ

نصيرآباد(رن ع آ)ڪاٺيا بازار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چونڊ اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين محترم الا بخش قريشي ۽ محترم محمد عظيم ٽڳڙ جي نگراني ۾ ٿي، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار اتفاق راءِ سان چونڊيا ويا. ائب صدر حسين مڪه  جنرل سيڪريٽري :- منور ميراڻي جوائنٽ سيڪريٽري جي ايم سنڌي خزانچي  عامر مغيري رابطا سيڪريٽري :- رياض ڦلپوٽو پريس سيڪريٽري  غلام شبير جويو آفيس سيڪريٽري رحيم سنڌي ٿي ويو.

مٽياري ۾ ميلاد مصطفيٰ صه آرگنائزيشن جي اهتمام هيٺ عظيم الشان ميلاد ڪانفرنس ملهائي وئي

مٽياري (ت ر) ميلاد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم آرگنائيزيشن مٽياري جي زير اھتمام 13 سالياني عظيم الشان ميلاد ڪانفرنس زير صدارت بشير احمد قادري جي مين روڊ مٽياري تي ملهائي وئي. ڪانفرنس کي خصوصي خطاب ڪندي پير طريقت رھبر شريعت حضرت پير محمد ڪرم الله الاھي المعروف دلبر سائين جن فرمايو ته الله پاڪ جو حڪم آھي ته ان جي نعمتن جو چرچو ڪريو، الله جي نعمتن ۾ والدين، اولاد، مال دولت ۽ جيڪي به ديني دنياوي نعمتون آھن انهن سڀني ۾ ڪائنات جا سردار حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلي الله عليه وسلم جن سڀني کان وڏي ۾ وڏي نعمت آھن جنھن جي صدقي دنيا جو ھر جلوو جلوو گر آھي، سج چنڊ ستارن ۾ به ان جي نور جو صدقو آھي ۽ ان ڪري اھي روشن آھن. . هن چيو ته محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم جي صدقي اڄ پوري ڪائنات ۾ انسانيت جو جذبو موجود آھي، ان پياري حبيب صلي الله عليه وسلم جو چرچو ڇو نہ ڪجي جنھن دنيا کي اونداھين مان ڪڍي روشنين ۾ آندو، جنھن جي ڪري انسان ھزارين ھٿرادو خدائن مان آزادي ماڻي ھڪ واحد رب جا عابد ٿي ويا. جڏهن ته مقامي نعت خوانن عبدالقادر بلالي، آصف علي ميمڻ، بابر رحمان سمون، آصف ميمڻ، بلال خاصخيلي، ڪاشف محبوب ميمڻ سميت ٻين نعت شريف پڙهيون. ڪانفرنس ۾ مولانا عبدالمالڪ عالماڻي، مولانا غلام ڪبريا سڪندري، مولانا سيد اسماعيل شاھ، مولوي علي اصغر ميمڻ، امجد علي قادري، حافظ عبدالجبار، عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا. درود و سلام دعا کانپوءِ ميلادي لنگر تقسيم ڪيو ويو.

ٽنڊي آدم جي مجتبيٰ ٽائون واسين طرفان مسئلن جي حل لاءِ يونين جو بنياد وڌو ويو

ٽنڊو آدم (ت ر)ٽنڊي آدم جي مجتبي ٽائون جي رهواسين پاران  مسئلن جي حل لاءِ يونين جو بنياد وجهي عهديدار چونڊيا ويا جن ۾ چيئرمين لالا خورشيد ، وائيس چيئرمين شيخ ماجد ، جنرل سيڪريٽري اڪبر جلالاڻي ، جوائنٽ سيڪريٽري آفتاب درس ، خزانچي طارق حسين ۽ ميمبرن ۾ محمد سلمان ، ساجد احمد ۽ جان محمد راهو شامل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.