محرابپور ۾ ڳوٺاڻن جو گهر ساڙڻ خلاف احتجاج

محرابپور (ن ع آ) محرابپور ۽ خانواھڻ لڳ ٽي ڏينھن اڳ ميمڻ برادري جي قديمي ڳوٺ پنجاڻي ميمڻ کي ڏنل باھ وارو معامرو  ڳوٺ مان  لڏي ايل محرابپور شهر ۾ رهندڙ علي شير ميمڻ علي احمد ميمڻ فضل ميمڻ ۽ ڳوٺ ۾ رھائش پزير علي اڪبر ميمڻ اقبال ميمڻ مسمات ممتاز ميمڻ ۽ ڳوٺ ۾ رھندڙ ٻين ڳوٺاڻن ميڊيا اڏو دانھيندي چيوت ٽي ڏينھن اڳ ڳوٺ پنجاڻي ميمڻ ۾ محرم ڪلھوڙو ۽ سندس ڪلھوڙا برادري جا ماڻھون ساڻ ڪري اسان جي قديمي پنجاڻي ميمڻ ڳوٺ جي ويڙھي رھائش پزير مرد توڙي عورتن کي مارڪٽ ڪري ھيسائي ڌمڪائي ڳوٺ جي گھرن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو گھرن پيل نياڻين ڏاج ۽ ٻيو قيمتي سامان ساڙي رک ڪري ڇڏيو ھنن چيو ت ڳوٺ جي ويڙھي ۾ رھندڙن جي ڪنھن ب داد فرياد ن ٻڌي تر چڳن مڙسن وٽ فيصلي لاء وياسين پر ڪلھوڙابرادري جي ڏاڌ کان ڊڄندي اسان جي ڳوٺ کي ڏنل باھ ۾ نقصان جو فيصلو ڪرڻ لاء تيار ن اھن ھنن سنڌ جي وزير اعلا ايس ايس پي نوشھروفيروز کي اپيل ڪندي چيو ت ڳوٺ کي ڏنل باھ واري واقعي ۾ نقصان جي جانچ ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري ميمڻ برادري  ايس ايس پي افيس نوشھرو فيروز اڏو احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.