بلوچستان کي پاڪستان کان ڪنهن جو پيءُ به الڳ نٿو ڪري سگهي: اويس نوراني

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي اڳواڻ اويس نوراني جو چوڻ آهي ته طنز ۽ سواليه جملي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.

پنهنجي وضاحتي بيان ۾ پي ڊي ايم اڳواڻ ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي جنرل سيڪريٽري اويس نوراني جو چوڻ آهي ته بلوچستان بابت طنزيه ۽ سواليه جملي کي منهنجي مطالبي طور ڦهلايو پيو وڃي.

اويس نوراني جو چوڻ آهي ته بلوچستان پاڪستان جو لازم جُز آهي، ڪنهن جو پيءُ به ان کي پاڪستان کان الڳ نٿو ڪري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.