سام سنگ جو چيئرمين لي ڪُن هي لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فونز ۽ اليڪٽرونڪس سامان ٺاهيندڙ ناليواري ڪورين ڪمپني سام سنگ جو چيئرمين لي ڪُن هي 78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

برطانوي ميڊيا موجب لي ڪُن هي جي خاندان طرفان هن جي موت جا سبب ناهن ٻڌايا ويا پر اطلاع آهن ته هو دل جو مريض هو ۽ 2014 ۾ کيسي دل جو دورو به پيو هو.

1942ع ۾ ڄاول لي سام سنگ ڪمپني جي باني پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ 1987ع ۾ ڪمپني جي قيادت سنڀالي.

فوربن ميگزين موجب لي ڪُن هي 2009ع کان پوءِ ڪوريا جو امير ترين شخص هو ۽ هن جي دولت اندازن 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.