سنڌ حڪومت جي ترجمان جو مراد سعيد جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي وزير مراد سعيد جي بيان سان هنن جي تڪليف جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب تحريڪ انصاف جي وفاقي وزير مراد سعيد جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مخالف پيپلز پارٽي جي قيادت وطن عزيز ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، توهان جي پارٽي ته قرباني جي قرباني جي نالي کان ئي اڻواقف آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته هن نااهل حڪومت ملڪ کي ڪنگال ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو، ڪوڙي ۽ بي بنياد ويڊيو سوشل ميڊيا تي ڦهلائڻ وزير جي شرانگيزي آهي، توهان جي سازشن مان بوکلاهٽ ظاهر پئي ٿئي، وزير کي شايد اِها خبر ناهي ته اڃان ته پي ڊي ايم جي تحريڪ شروع ٿي آهي، مراد سعيد پيپلز پارٽي جي قيادت تي تنقيد ڪندي پنهنجو بونو (ننڍو) قد اونچو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر توهان ڪجهه به ڪيو نااهل حڪومت جو وڃڻ مقدر بڻجي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.