”پي ڊي ايم جي اسٽيج تان آزاد بلوچستان جو نعرو هنيو ويو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته هڪ اڳواڻ اويس نوراني جلسي جي اسٽيج تان آزاد بلوچستان جو نعرو هنيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جو نظريو ملڪ دشمن عنصرن جي تائيد ڪري رهيو آهي، اويس نوراني جلسي جي اسٽيج تان آزاد بلوچستان جو نعرو هنيو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.

شبلي فراز جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جيڪڏهن جلسي ۾ شان رسالت صه تي ڳالهائي ها ته بهتر هو، افسوس جهڙي ڳالهه آهي جلسي ۾ ان معاملي تي معمولي ڳالهيون ڪيون ويون، ڦريل دولت بچائڻ لاءِ ڪنهن کي جمهوريت جي پٺيان لڪڻ نه ڏينداسين،  عمران خان جي سياست جو محور ملڪ کي ڪرپٽ عنصرن کان پاڪ ڪرڻ آهي، اڳوڻن دورن ۾ ادارن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ويو.

سڌُ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان ملڪ ڦريندڙن کي ڪنهن صورت نه ڇڏيندو، اسان جو رخ درست آهي، اسان ادارن کي مضبوط ڪنداسين.

هن چيو ته بنارسي ٺڳن جي ٽولي جي جلسي ۾ هڪ اهڙي شخص تقرير ڪئي جنهن کي مفرور قرار ڏئي چڪي آهي، اڄ ان شخص پاڪ فوج کي ٽارگيٽ ڪيو آهي، هي اُها ئي فوج آهي جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون، هي اُهائي فوج آهي جنهن ملڪ کي شام ۽ عراق بڻجڻ کان روڪيو.

شبلي فراز وڌيڪ چيو ته سزا يافته مريم نواز کي سوال پڇڻ جو ڪو به حق ناهي، هن 4 سالن کان هڪ سوال جو جواب ناهي ڏنو ته لنڊن جا فليٽ خريدڻ لاءِ پيسا ڪٿان آيا؟ ۽ اُهي پيسا ڪيئن پاڪستان کان برطانيا موڪليا؟ جڏهن اقتدار ۾ هجن ته ٺيڪ آهي اقتدار مان وڃن ته ادارا غلط، عدالتن جي فيصلن جي تشريح انهن جي موجب نٿي ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.