ڳڙهي ياسين: ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ڳڙهي ياسين ويجھو ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان جي وارثن پاران انصاف لاءِ احتجاج ڪيو ويو

ڳوٺ محمد نواز ديناري ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل احسان لاشاري جي پيءُ بختيار علي چنا ۽ سندس امڙ مسمات انور خاتون پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي پٽ احسان ديناري کي منير، لڪشري ۽ ٻين اغوا ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻاڻڻ بعد سندس هٿ ۽ ٻانهون ڀڃي گوليون هڻي ماري ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهيو آهي

.. ايس او ٽي

مقتول جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان گهر ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي  ….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.