نوشھرو فيروز: گم ٿيل ٻن نوجوانن جا لاش شاخ مان هٿ، احتجاج

نوشهرو فيرو مان ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل ٻن نوجوانن جا لاش سانگي شاخ مان هٿ آيا جڏهن ته نوجوانن جي وارثن پاران لاش مين روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو

پڊعيدن ويجھو ڳوٺ عبدالحڪيم ملو راڄپرمان ٻه ڏينھن اڳ گم ٿيل اعجاز علي ۽ نور احمد راڄپر جا لاش سانگي شاخ مان ھٿ جن جي وارثن لاش مين روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ ۽ ايس ايڇ او بخشل ملاح پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ پهتا جتي ڳالهين بعد لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ پڊعيدن اسپتال آندا جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا .

ان موقعي اعجاز راڄپر، منير راڄپر، محمد زمان راڄپر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نوجوانن کي سولنگي برادري جي ماڻهن قتل ڪيو آهي، هنن چيو ته پوليس اطلاع باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو جنهن ڪري نوجوان قتل ٿيا آهن، مقتولن جي وارثن مطالبو ڪيو ته نوٽس وٺي نوجوانن جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رکيو ويندو …….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.