پکو: سماجي ڪارڪن نثار ٻلهڙو ڪينسر وگھي فوت

سماجي ڪارڪن نثار ٻلهوڙو ڊگھو عرصو موذي مرض ڪينسر سان وڙهندي دم ڌڻي حولي ڪري ڇڏيو

پکو ويجھو ڳوٺ فتي بلاول ٻلھڙو واسي نوجوان نثار ٻلھڙو ٻن سالن کان ڪينسر جھڙي موذي مرض جھيڙيندي فوت ٿي ويو جنهن جو مڙهه جنازي نماز بعد سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو

نثار ٻلھڙو جي پيءُ محمد رفيق ٻڌايو ته نوجوان پٽ ڪينسر ۾مبتلا ھو جنھن جي علاج لاءِ گھر جو الهھ تلهھ وڪڻي ڇڏيو ۽ اسان جي اپيل تي سنڌ حڪومت سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ نثار کي علاج لاءِ آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ڪجھه ڏينھن علاج ھلڻ بعد ڊاڪٽرن چيو ته اسان کي مٿان وڌيڪ علاج کان روڪيو ويو آھي اھڙي طرح پُٽ کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو هن چيو ته سنڌ جي سماجي ڌرين جھولي مهم هلائي ڪجھه رقم ڏني جنھن مان علاج ڪرايو پر طبيعت ۾ سڌارو نه آيو

محمد رفيق جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽرن نثار جي علاج تي 80 لک روپيه خرچ ٻڌايو جنهن تي مجبور ٿي سرڪار آڏو ھٿ ٽنگيو ۽ گورنر علاج جو اعلان ڪيو پر ان تي عمل نه ٿي سگھيو ۽ پُٽ زندگي جا آخري ڏينھن بي يارومددگار ھڪ کٽ تي گذاريا، مرحوم سوڳوارن ۾ بيواھ،  ستن ورهين جو پُٽ مھراڻ ۽ ٽن ورهين جي نياڻي ثانيه ڇڏي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.