نيب جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي”پلي بارگين“ لاءِ جوابدار تيار ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي پلي بارگين (رضاڪارڻي طور تي رقم جي واپسي) ٿيڻ پئي وڃي ۽ جوابدار ڦريل دولت واپس قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۾ 23 ارب رپين جي ڪرپشن جي حوالي سان پي ايس او ۽ خانگي آئل ڪمپني بائيڪو جي آفيشلز خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، ڪامران افتخار لاري ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ان موقعي تي نيب طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار ڪامران لاري پلي بارگين جي درخواست ڪئي آهي ۽ هو 1 ارب 29 لک رپين کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ چاهي ٿو، جوابدار ڄاڻايل رقم 3 قسطن ۾ ادا ڪندو.

 احتساب عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار خانگي ڪمپني بائيڪو جو ملازم هو جنهن پي ايس او سان معاهدي ۾ ٻين جوابدارن سان ملي ڀڳت سان قومي ناڻي کي 23 ارب کان وڌيڪ جو نقصان رسايو.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته نيب چيئرمين به جوابدار جي پلي بارگين جي درخواست تي صحيح ڪري ڇڏي آهي جنهن تي عدالت ريفرنس جي هڪ جوابدار ڪامران لاري طرفان پلي بارگين جي درخواست منظور ڪندي ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.