ملير ايڪسپريس وي جو ايندڙ مهيني افتتاح ڪيو ويندو: ڪمشنر ڪراچي

ڪمشنر ڪراچي ڊاڪٽر سهيل راجپوت چيو آهي ته ملير ايڪسپريس وي جو ايندڙ مهيني افتتاح ڪيو ويندو

ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر ڪراچي ڊاڪٽر سهيل راجپوت چيو ته ملير ايڪسپريس وي جو ايندڙ مهيني افتتاح ڪيو ويندو ۽ ملير ندي مٿان پل جي اڏاوت جلد شروع ٿيڻ جي اميد آهي، هن چيو ته ضلعي اولهه ۾ به ٻه وڏا منصوبا شامل آهن .. ايس او ٽي

ڊاڪٽر سهيل راجپوت چيو ته صنعتي علائقن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ايڊمنسٽريٽر سان ڳالهائيندس ته ان کي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۾ شامل ڪيو وڃي .. ايس او ٽي

ڪاٽي جي صدر سليم الزمان ڪمشنر ڪراچي کي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي اقتصادي اهميت ۽ مسئلن کان آگاهه ڪندي چيو ته صنعتي علائقن جي بنيادي مسئلن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي … ايس او ٽي

ان موقعي تي تقريب کي سي اي او ڪاٽي ڊي ايم سي زبير ، سينئر نائب صدر ذڪي شريف، نائب صدر نگهت اعواڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.