ڪراچي: گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ ڊگھيون تاريخون ڏنيون وينديون آهن: ياسين آزاد

سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ياسين آزاد چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ ڊگھيون تاريخون ڏنيون وينديون آهن

ماهر قانون دان ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ياسين آزاد ڪراچي بار جي صدر منير اي ملڪ، سپريم ڪورٽ بار جي نائب صدر عدنان احمد ۽ ٻين سان سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي بار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ نيب جي ڪيسن کي روزاني جي بنياد تي هلائڻ جو چيو آهي، هن چيو ته اهڙو حڪم گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ به ڏنو وڃي ڇو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ تاريخون ڊگهيون ڏينون وينديون آهي ..

ياسين آزاد جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي حوالي سان راءِ آهي ته قانون واري وفاقي وزير جو لائسنس رد ٿيڻ گهرجي ۽ ان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي، ياسين آزاد جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر اداري کي پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو چيو ويو آهي هڪ صوبي جو آءِ جي چئي رهيوآهي ته مون کي اغواڪيو ويو  ..

قانوني ماهر ياسين آزاد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ انساني حقن جي پائمالي ٿي رهي آهي جڏهن ته ميڊيا به آزاد ناهي …

ياسين آزاد چيو ته ڪپيٽن صفدر جي ڪيس ۾ چئن ڊپٽي اٽارني جنرلن جي موجودگي ان ڳالهه کي واضع ڪري ٿي تي هي ڪيس وفاق داخل ڪريو آهي .. ايس او ٽي

ان موقعي تي ڪراچي بار جي صدر منير اي ملڪ چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن غير قانوني ڪم شروع ڪيو ويو ته اسان هڙتال ڪنداسين  …

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.