سکر: ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو باوردي ڪمانڊر کي حراست ۾ ورتو ويو : خورشيد شاهه

پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو باوردي ڪمانڊر کي حراست ۾ ورتو ويو

سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ خورشيد شاهه کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولينس ذريعي احتساب عدالت آندو ويو، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين  ملتوي ڪري ڇڏي  آھي

ان موقعي تي احتسان عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته عمران خان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رھيو آھي ھو ملڪ کي ھلائڻ جي سگھه نٿو رکي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيپٽن صفدر واري معاملي کي وڌائي پيش ڪيو ويو .. ايس او ٽي

ھن وڌيڪ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو باوردی ڪمانڊر کي حراست ۾ ورتو ويو ھاڻي مون کي اپوزيشن ۽ حڪمران ڌر جو پاڻ ۾ گڏجڻ نا ممڪن نظر اچي رھيو آھي، خورشيد شاهه چيو ته عمران پاڻ کي ڪپتان سمجھي رھيو آھي پر ھي ڪرڪيٽ راند ناھي ھتي ملڪي اپوزيشن ۽ حڪومت کي ھڪ پيج تي آڻڻ وارو پيج ئي ڦاٽي پيو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.