فواد چوڌري جي نااهلي وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي نااهلي جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ايندڙ هتي لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن جي تحت وفاقي وزير فواد چوڌري جي نااهلي وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي 16 نومبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله ڪندو.

واضح رهي ته سميع الله ابراهيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ فواد چوڌري تي اثاثا لڪائڻ جو الزام هنيو ويو آهي، درخواستگذار جو موقف آهي ته فواد چوڌري جهلم جي زمين کي گوشوارن ۾ ظاهر ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.