شيخ رشيد جي ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار جي اڳڪٿي

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي ۽ حڪومت نواز شريف کي واپس آڻڻ ۾ ڪيتري ڪامياب ٿي آهي، اِهو وقت ٻڌائيندو.

شيخ رشيد ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪوئيٽا ۽ پشاور جي جلسي لاءِ دعاڳو آهيان، ان ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، پر جلسن سان حڪومت ڪيڏانهن نه ويندي، جيڪي ماڻهو پاڻ کي پلهوان سمجهن ٿا اُهي ٽارزن جي جي حراست ۾ هوندا ۽ 31 ڊسمبر کان 20 فيبروري تائين ٻُهارو ڦري ويدنو، ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي.

شيخ رشيد چيو ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته عمران خان ڊسمبر يا جنوري ۾ وڃي رهيو آهي، هو ڪيڏانهن نه پيو وڃي، ان ۾ ڪيترا ڪامياب ٿيندا اِهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو، شهباز شريف وطن واپس اچي غلطي ڪئي، ٻاهران موج ڪندا رهندا آهن، هن جو ڪيس سنگين آهي، هن غلط تجزيو ڪيو، مريم 10 مهينن ۽ نواز شريف هڪ سال جو اظهار ڪيو، جڏهن ڳالهه نه ٺهي ته هنن وٽ ميدان ۾ اچڻ جو رستو نه هو.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ن ليگ فرنٽ فٽ تي اچي وئي آهي ۽ پيپلز پارٽي بهتر سوچ سان کيڏي رهي آهي، پ پ وقت اچڻ تي پي ڊي ايم جا اُها فيصلا قبول نه ڪندي جنهن سان جمهوريت کي خطرو هجي، ڪراچي واقعي تي آرمي چيف جي بلاول کي فون بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بلاول کي فون ڪري سٺو ڪم ڪيو، ادارا سڀني جا آهن، فوج پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي به آهي، فوج جي ساک تي ڳالهه اچي رهي هئي ته آرمي چيف دانشمندي ۽ دور انديشي جو مظاهرو ڪري بلاول کي فون ڪيو.

شيخ رشيد چيو ته ادارن سان تڪرار جي سياست تباهه برباد ڪندي سياست کي، شريف خاندان جي سياست هميشه جي لاءِ ختم ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.