ڪي اين شاهه واسي برطرف ميونسپل ملازم مسلسل سراپا احتجاج

خيرپورناٿن شاھه (ت ر)خيرپورناٿن شاھه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل ملازمن جو بحالي ۽ رهيل پگهارن لاءِ منير احمد آرائين، زاهد ڀٽي، سڪندر ڪنڀر، خادم لانڊر ۽ عباس علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ 24 هين ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو. جتي هنن چيو ته 10سال اڳ ميونسپل ڪاميٽي ۾ اسان کي ميرٽ تي نوڪريون مليون هيون اسان ايمانداري سان ڊوٽيون ڪيون بئنڪ مان هڪ سال تائين پگهارون به کنيون سين جنهن بعد اسان سياسي انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻائيندي ڀوتارن جي چوڻ تي اسان کي بنا جواز بغير ڪنهن شوڪاز جي نوڪري تان هٽائي اسان جون پگهارون به بند ڪيون ويون جيڪا اسان سان وڏي نا انصافي ٿي آھي اسان کي بيروزگار ڪيو ويو هن مهانگائي دور ۾ اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ رهيا آھن اسين ڪنهن در دانهن ڏيون ڪير ٻڌڻ وارو ناهي هنن وزير اعلي سنڌ ۽ صوبائي وزير لوڪل گورنمنٽ کان مطالبو ڪندي چيو اسان بحال ڪري فاقا کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.