عمرڪوٽ ۾ بااثر جي ظلمن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

عمرڪوٽ(ڊ ر) اڇڙو ٿر واسي سمان برادري جي ماڻھن محمد رمضان ولد لکمير سمون محمد جمن ۽ لطف علي سمون پاران پنھنجي برادري جي معزز مگھن سمون جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو اڇڙو ٿر جي ڳوٺ ڏوڏھار ۽ نرھاڙ تعلقو کپرو واسي ڳوٺاڻن مگھن سمون جمن سمون ۽ ٻين مظاھري کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي ديھ راڻڪڏھر مڪان نرھاڙ ۾ شوڪت سمون نالي بااثر سياسي پٺڀرائي سان 246 ايڪڙ زمين جي غلط ۽ غيرقانوني طريقي سان کڻت ڪرائي آھي ۽ ھٿياربند ويھاري مورچا قائم ڪري ان تي نجي ڪمپني جو ٽاور لڳرائي پيو اسان ان غيرقانوني کڻت کي تسليم نٿا ڪريون پر بااثر شوڪت سمون ۽ ان جا حمايتي موتمار ڌمڪيون ڏئي خاموش رھڻ تي زور ڀري رھيا آھن ھنن مطالبو ڪيو ته ڊي سي سانگھڙ معاملي جو فوري نوٽيس وٺي غير قانوني کڻت ڪئنسل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.