”اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان ايران، قطر ۽ سعودي عوام کي قتل ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو“

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهدي شهزادي محمد بن سلمان گڏيل عرب امارتن ۽ بحرين جيان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو.

آمريڪا ڄائي اسرائيلي ارب پتي حائيم سابان اسرائيلي اخبار ”حارث“ کي خاص انٽرويو ۾ اهڙي دعويٰ ڪئي.

سابان موجب شهزادي محمد بن سلمان خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪيو ته ايران، قطر ۽ سعودي عوام کي انهن کي قتل ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو.

اسرائيلي ارب پتي 15 سيپٽمبر تي وائيٽ هائوس ۾ امارات، بحرين ۽ اسرائيل امن معاهدي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي.

هن وڌيڪ چيو ته سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو مخالف آهي ۽ هو 2002 ۾ سعودي تخت گاهه رياض ۾ طئي ٿيندڙ عرب اسرائيل امن منصوبو لاڳو ٿيڻ چاهي ٿو.

سابان جي بقول سعودي عوام ۾ مذهبي حلقن جو اثر تمام گهڻو آهي، جڏهن ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان اسلامي دنيا ۾ سعودي عرب جي ساک خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.

واضح رهي ته گڏيل عرب امارتن 13 آگسٽ ۽ بحرين 11 سيپٽمبر تي اسرائيل سان امن معاهدي جو اعلان ڪيو هو ۽ ٻنهي ملڪن معاهدي تي صحيحون 15 سيپٽمبر تي وائيٽ هائوس ۾ ڪيون هيون.

ان کانپوءِ اسرائيل کي تسليم ڪندڙ عرب رياستن جو انگ 4 ٿي ويو آهي، ان کان اڳ 1979 ۾ مصر ۽ 1994 ۾ اردن به اسرائيل کي تسليم ڪري چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.