نه دوا نه ورزش، وڌيل پيٽ گهر ويٺي گهٽايو

 

وڌيل پيٽ اڪثر ماڻهن لاءِ شرمندگي ۽ ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻجندو آهي، وڌندڙ پيٽ سان انسان پاڻ کي آرام ده محسوس ناهي ڪندو ۽ پيٽ گهٽ ڪرڻ جون جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي وزرشون به آهن پر سڀني لاءِ ورزش جو وقت ڪڍڻ ڏکيو هوندو آهي، جنهن سبب وڌيل پيٽ جو شڪار انسان ويتر بيمار ٿيندو ويندو آهي.

جيڪڏهن توهان سان به اهو مسئلو آهي ۽ ورزش لاءِ وقت نٿا ڪڍي سگهو ته هيٺ ٻڌايل طريقن تي باقاعدي سان عمل ڪيو، ٿي سگهي ٿو توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وڃو.

پهريون ٽوٽڪو: سُنڍ هڪ چمچو، ڦودنو هڪ چمچو، ڪلونجي هڪ چمچو، ديسي اجوائن هڪ چمچو، وڏڦ هڪ چمچو، ننڍا ڦوٽا هڪ چمچو

انهن سڀني شين کي پِيهي ڇڏيو ۽ صبح شام کاڌي کانپوءِ اڌ چمچو سليماني چانهه سان استعمال ڪيو، ان سان واڌو چرٻي ختم ٿي ويندي ۽ توهان جو وڌيل پيٽ اندر ٿي ويندو.

ٻيو ٽوٽڪو: ڪنوار ٻوٽيءَ جي جيل ٻه چمچا، ساون ڌاڻن جا پَن ٻه چمچا، کيرو کَل لٿل هڪ عدد، سُنڍ هڪ انچ ٽڪرو، هڪ ليمي جي رس

هڪ ڪوپ پاڻي سان انهن سڀني شين کي بلينڊ ڪيو ۽ رڳو هڪ چپٽي ڪلونجي ملائي صبح نيرن کان هڪ ڪلاڪ اڳ پي ڇڏيو، رڳو 3 ڏينهن باقاعدي سان اهو عمل ورجائڻ سان توهان جو وڌيل پيٽ اندر ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.