سون خريد ڪندڙن لاءِ خوشخبري اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ 350 رپيا ۽ 10 گرام جي قيمت ۾ 300 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 4 ڊالر جي گهٽتائي سان 1912 ڊالر جي سطح تي پهچڻ جي ڪري مقامي صرافا مارڪيٽن ۾ به اڄ سون جي في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمتن ۾ ترتيبوار 350 رپيا 300 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ في تولي سون جي قيمت گهٽجي 115350 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت گهٽجي 98894 رپيا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.