گلگت بلتستان کي عمران خان کان بچائڻو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

 

گلگت (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان هر صوبي جي تباهي ڪئي، گلگت بلتستان کي عمران خان بچائڻو آهي.

گلگت بلتستان جي علائقي گانڇي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان غربت ۽ مهانگائي ۾ واڌ نٿا ڏسي سگهون، عمران خان کي وڌيڪ موقعو نٿا ڏئي سگهون.

هن چيو ته عمران خان جو هر واعدو ڪوڙو نڪتو، ملڪ ۾ سرڪاري ملازمن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز سميت هر طبقو احتجاج ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.